حاجي خميسو خان ميمڻ

حاجي خميسو خان ميمڻ: حاجي خميسو خان ولد گل محمد خان 1900ع ڌاري دڙي، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ زمينداري سنڀالڻ لڳو. اڳتي هلي اريگيشن کاتي ۾ ننڍا ننڍا ٺيڪا کڻڻ لڳو، جنهن مان پنهنجي مالي حالت کي بهتر ڪيائين. هن جا سيٺ حاجي محمد جعفر خواجا ۽ سيد عبدالرحيم شاهه سجاوليءَ سان ويجھا دوستاڻا لاڳاپا رهيا. هن پنهنجي سياست مقامي سطح کان شروع ڪئي، پوءِ ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر چونڊجي ويو ۽ ڪافي وقت تائين ميمبر رهيو. اڳتي هلي بمبئي ليجسليٽِو ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي آيو ۽ ڪائونسل ۾ پنهنجي علائقي جي نمائندي طور زميندارن جي حالت سڌارڻ لاءِ آواز اٿاريائين. هن جي مدد ۽ ڪوشش سان ڪراچي ضلعي جي زميندارن ۽ آبادگارن جي ايسوسيئيشن جو بنياد پيو. 1925ع ۾ حاجي خميسو خان ضلعي ڪائونسل ۾ وائيس پريزيڊنٽ ٿيو. هن 17 فيبروري 1929ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو